بنگال ڀيرو

بنگال ڀيرو (راڳڻي ): ڀيرو ٺاٺ جي کاڍو راڳڻي آهي. هن ۾ نکاد سر ورج آهي. هي ڀيرو راڳ جو قسم آهي، جنهن جي امروهي ۾ گنڌار وڪر آهي. هن راڳڻيءَ ۾ کرج ۽ ڌيوت جي سنگت رهي ٿي. هن راڳڻيءَ ۾ نکاد ڪو نه آهي. هن کي تيور سرن ۾ ڪو نه ڳائبو .
هن راڳڻي جي خاص تان: ڌا ڌا – پا – گي ما پا- گي ما را- سا- سا را سا-ڌِا سا- را را سا- گي ما را پا گي ما را- سا گي ما پا – ڌا ڌا- پا- گي ما پا- را گي ما پا- گي ما- را – سا- سا را ڌا- س ڌا – ما پا ڌا- سا- سا را گي ما- را گي ما- پا ما گي پا- را پا گي ما را را – سا آهي .
هن راڳڻي جي آروهي: سارا گي ما پا ڌا سا ۽ امروهيِ: سا ڌا پا ما گي ما را- سا (کرج کان ڌيوت جي مينڍ جي شڪل، پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. ان لاءِ ڳائبو سا ڌا، جڏهن ته وادي سُر ڌيوت ۽ سموادي سُر رکب آهي. ڳائڻ جو وقت صبح مقرر ٿيل آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو